اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف وٽ بجيٽ جي خلاف ڳالهائڻ ل??ءِ ڪجهه به نه آهي، وزيراعظم عمران خان جي سياسي ۽ معاشي ??ڪمت عملي کيس ڪلين بورڊ ڪري ڇڏيو ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ حڪومت جي معاشي پاليسي تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪندا، جڏهن ته انهن کي خبر آهي ته انهن جي پنهنجي پارٽي جي اڳوڻي ناڻي واري وزير جي ڪمپني رڪارڊ منافعو ڪمايو.