اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ناڪامي کان ڊڄندڙ ڪڏهن به فتح ناهن ماڻيندا، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، الله تعاليٰ اسان کي هر قسم جي وسيلن، موسمن ۽ نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي ٻين جي ڪاپي ڪرڻ بدران پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، س??اح?? جي شعبي مان اڃا تائين ??وري طرح فائدو ناهي کنيو ويو، ان ۾ تمام گهڻا مو??عا موجود آهن، پاڪستان س??اح?? جي فروغ سان تمام گهڻو پئسو ڪمائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان آءِ ايس پي آر کي اهو فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين ??يش ڪندي چيو ته اها هڪ نئين شروعات آهي، هتي نوجوانن جي ٺاهيل مختصر وقت جون فلمون ڏسي خوشي ٿي، هاڻي اسان صحيح رستي تي هلي پيا آهيون. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي خراج تحسين ??يش ڪيو ۽ چيو ته هو نئين سوچ کڻي آيو آهي. هن اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مختصر وقت جي فلمن جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته مون پاڪست??ن فلم انڊسٽري جو ارتقاء ڏٺو آهي، اسان غلط رستي تي وڃڻ شروع ٿي ويا هئاسين ۽ پنهنجي سوچ ۽ ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ بدران ڀارت جي نقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. ان جي ابتڙ پاڪستان ٽيليويزن بهترين ڊراما تيار ڪيا ۽ پنهنجي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي جنهن جي ڪري پي ٽي وي جا ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ نقل جي ڪا قيمت نه آهي، اهميت رڳو اصل ??ي ئي هوندي آهي. اها ئي پينٽنگ مهانگي وڪرو ٿيندي آهي جيڪا اصل هجي.