لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا وي?? جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، لا??ور جو مياواڪي ٻيلو دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيلو هوندو، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به ماحولياتي آلودگي درپيش آهي، ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا. هو ??لين اينڊ گرين پاڪستان ويزن تحت سگيان لا??ور ۾ مياواڪي ٻيلي جي افتتاح جي مو??عي تي ڳالهائي رهيو هو. ان مو??عي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي وارو صلاحڪار ملڪ امين اسلم، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل، ٻيلن وارو صوبائي وزير سبطين خان، پي ايڇ اي ۽ ماحوليات کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته مياواڪي ٻيلن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان اسان جي منزل آهي. هن چيو ته ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويو آهي. هن چيو ته مياواڪي ٻيلا لڳائڻ تي انتظاميا ۽ خاص طور تي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ 64 ڪروڙ وڻ لڳايا وي?? جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته لا??ور ڪڏهن باغن جو شهر هوندو هو، اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ملڪ ڇڏي وينداسين. وزيراعظم نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي حصي جو هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن ته جيئن اسان ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ صاف ماحول ڏئي سگهون. ان مو??عي تي وزيراعظم کي مياواڪي اربن فاريسٽ تي بريفنگ ڏني وئي. برينگ ۾ ٻڌايو ويو ته لا??ور ۾ اهڙا 53 فاريسٽ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي لا??ور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳائي ويندڙ ان ٻيلي ۾ مجموعي طور تي 165000 ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ تيزي سان وڌن ٿا. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان ٻوٽو لڳائي مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪيو.