اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي من??يات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي من??يات ۽ تماڪ کان پاڪ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن من??يات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ??اءِ وائيس چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪ??دي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته من??يات ۽ تماڪ جي غلط استعمال جي پاليسي کي صدر جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پاليسي جي من??وري ڏني، من??يات جي خاتمي واري وزارت من??يات جي استعمال کي روڪڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي تعليمي، ٽيڪنيڪي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪئي ??يندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي من??يات ۽ تماڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا من??يات کي روڪڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي تعليم لاءِ روزگار فراهم ڪري سگهجي?? تعليمي ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي من??يات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته من??يات جي خاتمي ۽ تماڪ پاليسي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي ??ارين پاليسين کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن من??يات کي روڪڻ بابت وئيس چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين پاران جوڙيل پاليسين کي به ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليمي ادارن ۾ من??يات کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.