اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو ??رو??، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ اسپيشل تيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خ??رش??د، وزيراعظم ??ي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، خيبرپختونخواهه جي آءِ ٽي واري صوبائي وزير عاطف خان، بلوچستان جي صنعت واري صوبائي وزير حاجي محمد خان طور، پنجاب جي آءِ ٽي واري صوبائي وزير همايون ياسر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، پنجاب جو وڏو وزير، بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ٻين صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي اجلاس کي ملڪ ۾ مختلف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪارن کي ميسر سهولتن ۽ مراعتن بابت تف??يل?? بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو مقصد ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، غيرملڪي سيڙپڪاري، افرادي قوت جو ??رو??، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ روانگي واپار کي وڌائيندي درآمدات جو متبادل پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪارن کي وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن ۽ سهولتن بابت تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ??مران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو ??رو??، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر اها سهولت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ميسر اچي ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ ون ونڊو آپريشنز کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچائي سگهجي. وزيراعظم ??وبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ايڪسپو جهڙي موقعي جو ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ ملڪ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ ملندڙ موقعن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.