اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحاف??ي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ا??سوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ ا??ارٽي جي خلاف مخت??ف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلا??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صحاف??ي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ا??سوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي. صحاف??ي تنظيمن جي عهديدارن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ ا??ارٽي جي باري ۾ مخت??ف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحاف??ي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ ا??ارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن واضح ڪيو ته سمورين صحاف??ي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ته ماضي ۾ حڪومتون ميڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي ??گهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آهي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي ??سان جي اخبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آهي، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ ا??ارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلا??ات واري وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ ا??ارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آهي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلا??ات وارو وزير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي ??هي، هن چيو ته نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آهن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، ميڊيا ڊولپمينٽ ا??ارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي باقي شقن ??ي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.