اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرس??يل??نا جارجيوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان ??ان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان ??ان واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي ??هم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان ??ان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرس??يل??نا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون ??هم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ ت?? ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرس??يل??نا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.