اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي لاء?? آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گ??ٽ ڪرڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڪامرس ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? جي موجوده روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن آهي. روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ ممڪن طور تي آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، دوائن، پولٽري، چانور، ڀاڄين ۽ ميون، چمڙي، لوڻ، سنگ مرمر، سرامڪس ۽ سرجيڪل اوزارن سميت 19 مصنوعات تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪامرس ڊويزن ٻڌايو ته سمورن حصيدارن بشمول صنعتڪارن، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گ??ٽ ڪرڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت برآمد ڪندڙن جي لاء?? آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪامرس ڊويزن کي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ مقرر پاڪ??تا?? جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪامرس ڊويزن ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ فريم ورڪ منظوري جي لاءِ پيش ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ مارڪيٽ ۽ مصنوعات ۾ واڌ آڻڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا??ي ڪاروباري برادري ۾ بيشمار پوٽينشل موجود آهي. ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت ??اروباري برادري جي مشاورت سان پاليسين جي جوڙجڪ جي فلسفي تي عمل پيرا آهي ۽ حڪومت ۽ انڊسٽري جي مضبوط پارٽنرشپ جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته جتي هڪ طرف حڪومت ??اروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي اتي حڪومت ??اروباري برادري کان اميد ڪري ٿي ته اها ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏي.