لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي، پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پ??هنجو ڪردار ادا ڪن، بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻ??ئي??، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي ??نص?? کي مضبوطي سان سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير ب?? روڪي نٿو سگهي، بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته بهترين علم اهو هوندو ??هي جيڪو اهو سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي ??هي ۽ اسان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو ??هي جڏهن ت?? رويو انسان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي ??هي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سان ڌار ڌار هوندو آهي، هن چيو ته اسان جو رويو سد??ئي?? پاڻ کان مٿي واري سان درست ۽ هيٺئين سان ڪجهه ٻيو هوندو ??هي جنهن جو اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان اسان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن سان ڀري پئي ??هي جنهن مان اسان کي سبق ملي ٿو ته انسان جو انسان سان رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، هن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ڪريسي جو هٿ هوندو ??هي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي گهرجي ته عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ناڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي پر اڏهي کي ختم ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، هن چيو ته جيڪي شيون اسان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن سان عوام کي، ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي ان حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري سان بهترين روين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو ??هي ۽ تقاضا به اها ??هي ته سول سرونٽس ديانتداري سان پنهنجي اصولن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سان ان تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون به شامل ٿين ته جيئن اهي به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پ??هنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻايو ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي ??نص?? کي مضبوطي سان جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير ب?? روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.