اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نااهل?? جي ڪري 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1400 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت گودامن ۾ پيل سرڪاري ڪڻڪ فوري طور تي جاري ڪري. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پنجاب حڪومت پهرين ئي ??لور ملز کي ڪڻڪ 1950 روپيا في مڻ جي حساب سان فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.