اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان برطانيه سان پنهجي لاڳاپن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لارڊ واجد ??ان ملاقات دوران ڪئي. صدر ان کي پاڪس??ان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبائي مرض کي ڪاميابي سان قابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان جي ڪاميابي تي به روشني وڌي. افغانس??ان جي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان وڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان گذريل چئن ڏهاڪن کا?? تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان کانسواءِ هو افغانس??ان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، صدر عارف علوي لارڊ واجد کي هائوس آف لارڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي برطانيه جي عوام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لارڊ واجد ??ي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قابض فوج پاران و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻهن جي خلاف ??ار?? دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لارڊ واجد ??ان پاڪس??ان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪامياب طريقي سان منهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪس??ان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.