اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي سماجي ۽ اقتص??دي ترقي جي لاءِ وسيع قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن خيبرپختونخوا جي لاءِ جامع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، واپار ??اري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي وزيرن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئ??. وزيراعظم چيو ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندي. تڪميل کانپوءِ اهو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪندي، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآمد وڌائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آب??دي جي لاءِ بهترين تعليم، صحت جي بني??دي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتص??دي ترقي لاءِ موجود وسيع قدرتي وسيلن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي تعمير لاءِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.