اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي هڪ وڏو چئلينج آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن ??و اظهار هن خصوصي ماڻهن جي سهولت جي حوا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي ڊ?? اي چيئرمين، ڪامسيٽس، نسٽ ۽ نيش??ل ڪاليج آف آرٽس جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي آزاداڻي چرپر ۾ ڪيترين کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، رڪاوٽن جي ڪري خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاورباري برادري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ تجويزن تي عمل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ معاشري جي سمورن طبقن جي سماجي ط??ر تي ذميداراڻي شرڪت جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ نسٽ، ڪامسيٽس ۽ اين سي اي جي فن تعمير جي ڊ??ارٽمنٽس طرف مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، اجلاس ۾ وفاقي گادي واري شهر جي ايف سڪس، ايف سيون ۽ آءِ ايٽ مرڪز کانسواءِ اسلام آباد ۾ عمارتن کي خصوصي ماڻهن لاءِ پهچ جوڳيون بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. صدر سي ڊ?? اي چيئرمين کي يونيورسٽين جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.