اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ?? متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ?? متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ا?? موقعي تي چيو ته اه??ن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اه??ن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهن. وزيراعظم ا?? حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان پار??ن ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.