اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ شهادت ماڻيندڙ 10 جوانن ۾ شا??ل ٻن جوانن جو تعلق جهلم سان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهلم جا قبرساتن انهن شهيدن جي رت جي خوشبوءَ سان مهڪن ٿا ۽ جيڪو قرض اسان جي ساهن تي هو، اهو قرض اسان موٽائي ڏنو آهي. هن شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات ??اري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ?? گذريل ڏينهن بلوچستان جي ??لا??قي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ انهن ٻن جوانن جون تصويرون به شيئر ڪيون.