اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي ??دي?? لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جان??ون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪر??ون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربان??ون سدائين ياد رک??ون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداس??ن. ??پٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن جي دعا ڪئي.