اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چيو ته اسلام انسان کي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن جي حقن جي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ احترام جو رتبو ڏيندو آهي،
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن جمعي جي ??ما?? ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيدا ??رڻ ۽ انسانن کي مضبوط ??رڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻ??ن کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ مستحقن جو انهن تي حق آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق ادا ڪرڻ، ڪمزورن تي احسان ??رڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اجر آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي هدايت تي ماڻهن جي ره??ما??ي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ??رڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.