اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ري?? فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آهن، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز ??ري??، حم??ه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 ??زا?? بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آ??ا، هن چيو ته مقصود، شهباز ??ري?? جي ملز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 ??زا?? روپيا هو، ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا ??ري?? فيملي جي اڪائونٽس ۾ پهچي و??ا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فر??ڊ شهباز ??ري?? جي ان ڪيس جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.