اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي ??فيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي ??فير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي ??فير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقات??ن ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ واپار ۽ س??ڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ??رورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي ??ور تي پنهنجي ??لاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ??رغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪوششو?? ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي ??عبن سميت پنهنجي ??رعي شعبي جي ??رقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.