اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر ج?? صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، ??هو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??هو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي پهرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، ??هو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊي?? قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، ??هو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر ل??ائ?? هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر ج?? قومي خبرن جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو ??هو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪري جنهن تي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.