اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ??يس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ??يس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي جي ??يس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شهباز ۽ حمزه پاران فرد جرم کي روڪڻ جي لاءِ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد اهو آهي ته اصل ??يس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته انهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرد جرم لڳڻ ڏيو، فرد جرم جو جواب ڏيو ته رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شهباز شريف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شهباز شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن جي نالي تي 14 بي نامي اڪائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته اڄ شهباز شريف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته روزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خ??ن جي خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي لاءِ ??يس ڪيو ته عمران خ??ن ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خ??ن اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خ??ن ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.