اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سا?? سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه ه?? سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستا?? سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائ??س ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌ?? لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.