اسل??م آباد – 08 R11; جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ??زيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳاپن جي استحڪام ۾ ب??طانوي هاءِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀر??ور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.