اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ج?? موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياش?? يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آه??. ٻنهي اڳوڻن ٻط??في سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير هياش?? يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻط??فا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.