اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، گڏيل اعتماد، احترام ۽ هم آهنگي جي بنياد تي دوستاڻن رابطن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، آمريڪا مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي دس??يا?? وسيلن کان تمام وڌيڪ آهي، ٻوڏ مت??ثر??ن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، هن مشڪل گهڙيءَ ۾ عالمي برادري اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا 75 سالن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا اعتماد تي ٻڌل آهن، آمريڪا پاڪستان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو رهيو آهي، آمريڪا سان دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، آمريڪا مختلف پروگرامن ۽ منصوبن جي ذريعي مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ بجلي جي شديد کوٽ هئي ته اڳوڻي وزي??اع??م نواز شريف انتهائي مشڪل معاشي حالتن ۾ 5 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، عمران خان جي ڌرڻي جي ڪري سي پيڪ متاثر ٿيو، سي پيڪ منصوبا متاثر ٿيڻ تي عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو، آمريڪي ڪمپني اهڙين حالتن ۾ 3500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ تيز رفتاري ۽ شفافيت سان بجلي جي پيداوار جا منصوبا لڳايا. وزي??اع??م چيو ته اسان انهن دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ماضي کي وساري سنجيده ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته نيويارڪ ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ پرڏيهي وزير بلنڪن سان ڪارائتي ملاقات ٿي ۽ ٻوڏ مت??ثر??ن جي لاءِ 53 ملين ڊالر امداد ۽ همدردي جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيا، آمريڪي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ به ٻوڏ مت??ثر??ن جي مدد جو عزم ظاهر ڪيو. وزي??اع??م چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تمام وڌيڪ آهي، پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب بڻجندڙ موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، قدرتي آفت جو اسان ڪنهن کي ذميوار نه قرار ڏيون. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، ماضي ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ 32 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، جيڪڏهن منصوبابندي ۽ مناسب نگراني ۾ سيڙپڪاري کي استعمال ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايون ها، پاڪستاني هڪ مضبوط قوم آهي، هتان جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ محنتي آهن، اسان معاشي طور تي پنهنجي پ??رن تي بيهڻ چاهيون ٿا. وزي??اع??م چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان ۾ 4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ کجور جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، 400 ٻارن سميت 1600 ماڻهو فوت ٿيا، 10 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ لکين چوپايو مال مري ويو آهي، ٻوڏ مت??ثر??ن خيمن ۽ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن ۽ اهي امداد جا منتظر آهن. وزي??اع??م چيو ته ٻوڏ مت??ثر??ن کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي، ٻوڏ مت??ثر??ن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته تباهي دس??يا?? وسيلن کان تمام وڌيڪ آهي، ٻوڏ مت??ثر??ن جي طلب ۽ پهچ ۾ واضح طور تي فرق موجود آهي، اڃا ٻوڏ مت??ثر??ن جي بحالي ۽ آبادڪاري جو مرحلو باقي آهي، چاهيون ٿا ته عالمي برادري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد ڪري، ز??اع??، انڊسٽري ۽ ٻين شعبن جي بحالي ۾ معاونت ڪئي وڃي، اسان رقم نه عوام جي بحالي لاءِ قدم چاهيون ٿا.