اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ?? ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سهڪار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ?? تازي ٻوڏ ۽ طوفاني بر??اتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. ??ن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. ??ن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ?? معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.