اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪس??ان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪس??ان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪس??ان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪس??ان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪس??ان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آ??ي، جڏهن ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪس??ان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪس??ان کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪس??ان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تائين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪس??ان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه عل??ئقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي ??نه?? ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن عل??ئقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي عل??ئقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن عل??ئقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پاڪس??ان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪس??ان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.