اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇ??ي. ??يوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب 65 سالن کا?? وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جي??ي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪا??ي چڪا آهن ۽ 60 سالن کا?? وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪا??ي چ??يو?? آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کا?? گهٽ عمر جا ماڻهو جي??ي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪا??ي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.