اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ??يا??ي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بي??ل آهن. ان موقعي تي و??اق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو و??اق?? وزير طارق بشير چيما، قانون وارو و??اق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو و??اق?? وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.