اسلام آباد -18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود حڪومت پوليو جي خاتمي لا??ِ ه?? ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ ٿيل ورلڊ هيلٿ سمٽ ۾ پوليو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??يو. هن چ??و ته 27 کان وڌيڪ پوليو ورڪرز پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لا??ِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. هن چ??و ته پاڪ فوج خطرناڪ علائقن ۾ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن چ??و ته جامعه الازهر يونيورسٽي جي شيخ العرب جي مفتي پروفيسر ڊاڪٽر طيب جي فتويٰ پاڪستان ۽ مسلم دنيا لا??ِ پيغام آهي ته ٻارن کان صحت جو حق کسڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته اسان پوليو جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهيون، دنيا پاڪستان سان بيٺل آهي. هن چ??و ته پاڪستان پوليو جي خاتمي لا??ِ اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي رهيو آهي. ان موقعي تي جرمن اڪنامڪ وزير سونجا شولز چيو ته جرمني گلوبل پوليو جي خاتمي لا??ِ 23 ملين يورو جو اعلان ڪيو. سعودي عرب گلوبل پوليو جي خاتمي لا??ِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. بل گيٽس دنيا ۾ گلوبل پوليو جي خاتمي لا??ِ 1.2 بلين ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريليا 43.55 ملين ڊالرن، فرانس 50 ملين يورو، ڪوريا 3.2 ملين ڊالرن، سي اي او گاوي چيو ته پوليو ورڪرز پاڪسان جا اصلي هيرو آهن. روشيل ويلنسڪي ڊائريڪٽر سي ڊي سي آمريڪا چيو ته پوليو جي تازه ڪيس جيڪي اسرائيل ۽ لنڊن ۾ نظر آيا آهن اهي دنيا کي ٻيهر پوليو جي خطري سان ملي مقابلو ڪرڻ لا??ِ گڏ ڪرڻ لا??ِ ڪافي آهن. پاڪستاني وفد ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر فيصل، پوليو جي نيشنل پروگرام مئنيجر ۽ ميجر جنرل عامر اڪرام موجود هئا.