اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توا??ائ?? جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توا??ائ?? جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو وي??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توا??ائ?? تي منتقل ڪرڻ به پلان جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توا??ائ?? بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر سال??ان?? آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب رپين کان وڌيڪ آهي، توا??ائ?? بچت پلان جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر سال??ان?? جي بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توا??ائ?? جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.