ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڊيره عازي خان ۾ غازي يونيورسٽي ۾ قائم مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو، شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ اٽي جا ٿيلها پڻ به ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اويس لغاري ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. وزيرا??ظم اٽي جي ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. وزيرا??ظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اٽي جي ف??اهمي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم هڪ هڪ ماڻهو وٽ ويو ۽ مستحقين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي. ڊيره غازي خان ۾ مجموعي طور تي مستحق خاندانن ۾ 13 لک کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جو عمل جاري آهي. وزيرا??ظم ڊيره غازي خان، راجن پور، مظفر ڳڙهه ۽ ليه جي انتظاميا کي مفت اٽي جي ورڇ جي بهترين انتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي وزيرا??ظم سان مفت اٽو مرڪز ۾ گرلز گائيڊز ايسوسيئيشن جي گرلز گائيڊز پڻ ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ضلعي جي گرلز ڪاليجن جو نمائنده فورم مرڪز ۾ اٽي جي ورڇ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. وزيرا??ظم قوم جي ڌيئرن کي ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهڻ تي ساراهيو. وزيرا??ظم گرلز گائيڊز جي ذميوارين بابت معلوم ڪيو ۽ انهن سان ڳالهه ??ول??ه ڪندي وزيرا??ظم چيو ته چئني صوبن ۾ هڪ لک ل??پ ٽاپ ميرٽ تي ڏنا ويندا ۽ جيڪي به شاگرد يا شاگردياڻيون محنت ڪندا ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا انهن کي ل??پ ٽاپ ڏنا ويندا.