ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن جي ل??ءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آه??گي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه?? ته ج??ئن انهن جي ڪوششن کي هم آه??گ ڪندي خصوصي ٻارن جي بحالي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بحالي، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي شموليت جي ل??ءِ ڪيترائي قدم کنيا آه??. هن چيو ته 9 سالن کان وڌيڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سان رجسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ خصوصي ٻارن ۽ انهن جي مخصوص ضرورتن جي حوالي سان معاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آه?? پر ملڪ ۾ اهڙن ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آه??. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي مقصد جي ل??ءِ اي آر سي ڪي جي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي ان مقصد جي ل??ءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سان تعاون کي فروغ ڏين ته ج??ئن انهن جي ڪوششن جو فائدو وڌ کان وڌ ٻارن کي پهچي سگهي. ان موقعي تي بيگم ثمين?? عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بحالي جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظيمن جي تعاون جي ضرورت آه??. اي آر سي ڪي جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي، انهن جي اسڪول ۾ دستياب سهولتن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگم ثمين?? عارف علوي سان گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي محنت ۽ فني خوبصورتي کي ساراهيو.