اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي و??و آهي جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ارب روپيا رهيو جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا خساري سان گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي و??و جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳ??ڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي و??و جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو گذري?? مالي سال جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي و??و. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي و??و جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي و??و جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي و??اج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي و??اج جي ادائيگين ۾ اضافي جو بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي و??اج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سان 1060.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 1014.0 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذري?? مالي سال جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا رهيو.