اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شرو??ات?? طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت مو??ب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت مو??ب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.