اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي پرڏيهي وزير يوشيماسا حياشي جي دعوت تي پهر??ن جولاءِ کان 4 جولاءِ تائ??ن جاپان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽوڪيو ۾ پرڏيهي وزير جاپاني پرڏيهي وزير سان ٻطرفن معاملن ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظم فوميو ڪشيدا سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي تربيت، ماڻهن ??ي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ پاڪستان مان جاپان کي افرادي قوت جي برآمد شامل آهي. هنن علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ خاص طور تي سولرائيزيشن، ڊي سيلي نيشن ۽ واٽر پيوري فڪيشن، هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبي ۾ اعليٰ اثرن وارن پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جاپاني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل ٽيسٽ ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪيو جتي هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي پاڪستان ??ي ويزن بابت ڳالهه ڪئي. هن پاڪستان ۽ جاپان ??ي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت ۽ پاڪستان ۽ جاپان ??ي وچ ۾ وسيع ۽ گهڻ رخي اقتصادي تعاون تي زور ڏنو جيڪي ڪاميابي ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي کي جنم ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان گڏجي هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو. پرڏيهي وزير جاپاني ڪاروباري ادارن جي ايگزيڪيوٽوز، جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيسن (جيٽرو) جي نمائندن ۽ جاپاني سول سوسائٽي جي اهم ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ هن پاڪستان ۽ جاپان ??ي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ جاپاني ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جاپان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوڪيو جو دورو پاڪستان ۽ جاپانج ي وچ ۾ اعل??ٰ سطح جي سياسي مصروفيتن جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. اها ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندي.