اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) روڊ (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، وز??راعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل اعواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم کي ان منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اڳوڻي آءِ جي پي روڊ جو نالو تبديل ڪري ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد رکيو ??يو آهي. 9.8 ڪلوميٽ?? ڊگهو رستو فيض آباد کان پير وڌائي موڙ (پشاور موڙ راولپنڊي) تائين نئين سر تعمير ڪئي وئي آهي. ان منصوبي ۾ 2 اوور هيڊ برج ٺاهيا ويا آهن. منصوبو اڳوڻو حڪومت جي دور ۾ تعطل جو شڪار رهيو. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان تي ڪم تيز ڪري وز??راعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ??يو آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد روڊ جي تعمير سان فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ شين ۽ سامان جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. هيوي ٽريفڪ جي ڪري اڳ اهو روڊ ڪلاڪن تائين بلاڪ رهندو هو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان عوام جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو.