اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته شهيد اسان جي مٿ?? جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ??يو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي ??يو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿ?? جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. ش??اد?? هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.