اسلام آباد – 11 – ??يپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان پرڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پاڪ – ??فغان سرحد جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخم تي پاڪستان افغانستان سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمي?? جي اندر عبوري افغان حڪومت پاران ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ا?? جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ورتو، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهري?? جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سرحد چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان دهشتگرد عنصر?? جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصر?? جي افغانستا?? جي اندر پناهگاهون آه?? جنه?? جي تصديق گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندي?? جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سدائين چيو آهي ته اسا?? جي خواهش آهي ته افغانستان سان سرحد ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينر?? جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پاڪستان پاڪ افغان سرحد تي مقرر افغان فوجين پاران مسلسل بنا جواز اشتعال انگيزي?? جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان چيو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان سرزمين پاڪستا?? جي اندر دهشتگرد حمل?? جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ا?? جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پاڪستا?? جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستا?? جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته افغان سرزمين پاڪستا?? جي خلاف دهشتگرد حمل?? جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.