نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اميد ظاهر ??ئي آهي ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو، حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس س??ن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 ??ين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ مالياتي شموليت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??گر??ن وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??گر??ن حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجا??ُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقلي کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ??ئي. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ ??گر??ن حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وائرس جي منتقلي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريقن کي سگهه ڏيڻ ۾ ??گر??ن وزيراعظم کي حمايت جو يقين ڏياريو. ??گر??ن وزيراعظم ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ماليات ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.