اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور ??سلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ س??ڙپ??اري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم س??ڙپ??اري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائو??سل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪائو??سل سان پيدا ٿيندڙ س??ڙپ??اري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.