مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر چيو آ??ي ته ڪشمير مسئلي جي باوقار پائيدار حل جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر سيڪيورٽي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن موجب ڏيڍ ڪروڙ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ڏنو ويو ته ٻنهي ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي جنهن سان عالمي امن تباهه ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪورٽ گرائونڊ ۾ 76 هين يوم تاسيس جي سالياني قومي ميڙ ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري لطيف اڪبر چيو ته ڊيڊ لاڪ امن ڳالهين ۾ سالن کان تعطل سبب پيدا ٿيندڙ اشتعال انگيز صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انٽرا ڪشمير ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لازمي ٿي چڪو آ??ي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنياد پرست پاليسين ڀارت جي پنهنجي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آ??ي. پاڪ??تا?? ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪڏهن به ٻطرفيون ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون جيستائين ٽئين ڌر کي شامل نه ڪيو ويو هجي ان لاءِ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ٽه ڌريي ڳالهين ۾ ممڪن آهي ڇو ته اصل ڌر به ڪشميري عوام آهي ۽ ٽن نسلن کان قربانين جو تسلسل به انهن ئي جاري رکيو آ??ي، ڪشمير مسئلي تي وفاقي حڪومت ٻنهي طرفن جي ڪشميري قيادت کي اعتمادسازي جي عمل ۾ شامل ڪري نئين سر ڪشم??ر پاليسي تي ڌيان ڏي، تاريخ ڪشمير جي پس منظر پيش منظر ۽ آئيني قانوني رخن تي پڪڙ رکڻ واري شخصيتن جا وفد ٻاهرئين ملڪ موڪليا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آ??ي انساني ۽ شهري حقن کي پٺتي وجهي ظلم ۽ ڏاڍ جو دور مڙهيو ويو آ??ي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? ۽ ڪشمير تي جارحيت جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ لڳل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر چيو ته پاڪ??تا?? هن وقت پاڻ معاشي اقتصادي مشڪلاتن ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آ??ي جنهن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو هر رخ سان تحفظ ڪيو. بهادر پاڪ فوج ٽي جنگيون وڙهندي ايمان جي قوت ۽ قومي غيرت بهادري جرئتمنداڻي تاريخ لکي. هن ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته گهاٽي واڌي ٿي سگهي ٿي پر ان آزادي جي مقدس مشن کي منطقي انجام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.