اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبض?? جي خل??ف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو ??يو. تقريب ۾ رشين فيڊريشن ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي، روس ۾ پاڪستاني ڪميونٽ?? جي ميمبرن ۽ سفارتخان?? جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري محمد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊاڪٽر جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبض?? جي خلاف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ آزاد?? جي جدوجهد جي تصويري نما??ش جو پڻ اهتمام ڪيو ??يو.