اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ٻارن تي زور ڏنو آهي ته اهي تعليم ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ ۽ قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن کي اختيار ڪري ملڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هو ايوان صدر ۾ ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سا?? منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه ??لو??، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ معذور ماڻهن سميت اسڪول جي ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ??ئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته باني پاڪستان جي سنهري قدرن تي قائم رهڻ سا?? ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان دوران ٻار به ان ۾ شامل هئا جيڪي پنهنجي قائد سا?? محبت ڪندا هئا ۽ جدا وطن جي جدوجهد ۾ ثابت قدمي سا?? ساڻس گڏ بيٺل هئا. هن قائداعظم کي ٻارن پاران لکيل ڪجهه ??ذب??تي خط پڙهي ٻڌايا ته هن نه رڳو ٻارن جي حمايت ڪئي پر پنهنجي بچت ۾ جمع ڪيل رقم به انهن کي موڪلي. صدر چيو ته قائداعظم معاشي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي پڪو يقين رکندو هو. هن تعليم ۽ روزگار جي شعبن ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته قائداعظم هي ملڪ انتهائي لگن ۽ عزم سا?? ٺاهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته ڪشمير ۾ ماڻهو ڀارتي قابض فوج جي هٿان مشڪلاتن جو شڪار آهن جڏهن ته اقليتن کي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي موجوده صورتحال ٻه قومي نظريي جي اهميت کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿي جنهن ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن قائم ڪرڻ جي ضرورت پيش ??ئي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ هو جنهن جي جدوجهد سا?? دنيا ۾ تبديلي آئي. هن چيو ته هي وطن هزارين ماڻهن جي قربانين کانپوءِ ٺهيو هو ۽ ان کي محنت ۽ عزم سا?? مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ۽ ثمينه ??لو?? ٻارن سا?? گڏجي قائداعظم جي سا??گرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. روايتي لباس پهريل ٻارن چئني صوبن ۽ ڪشمير جي ڀرپور ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ نغمن تي رقص ڪيو. اکين کان محروم ٻارن جي هڪ گروپ ”دل دل پاڪستان“ گاني تي هڪ ٽيبلو پيش ڪيو، جنهن کي حاضرين خوب ساراهيو. معذور ٻارن جي سهولت لاءِ پوري تقريب کي اشارن جي زبان ۾ پڻ پيش ڪيو ويو.