??سل??م آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀائر ملڪن جي گڏي?? فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ??ولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پاڪستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ??اپ??ري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??سل??مو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي ??سل??مي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر ??اپ??ر، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ??ري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي ??سل??م آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.