اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لا??ِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعمان و??ير جي قيادت ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لا??ج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان و??ير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لا??ج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پ?? موجود هئا. نگران و??يراعظم چيو ته نگران حڪوم?? پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪوم?? پنهنجي پاليسين جي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لا??ِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، نگران حڪومت ڪاروبار جي لا??ِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لا??ِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لا??ِ قدم کنيا، نگران حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لا??ِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لا??ِ ناڻي واري نگران وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سان و??ڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيل جي صنعت سان و??ڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخيرن جي ترقي جي لا??ِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لا??ِ قدمن تي نگران و??يراعظم ۽ نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ اسٽيل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لا??ِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لا??ِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران و??يراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.