اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گ??لا??ي، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏه?? ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ?? 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لس?? 3 مارچ جڏه?? ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽ??يبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏه?? ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.