اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي خصوصي اجلاس ۾ فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فلسطين گڏيل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آهي ۽ سل??متي ڪائونسل کي ا?? معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن ۾ فلسطين جي داخل?? تي پنهنجو اعتراض ختم ۽ انهن خاطرين جي ساک بحال ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان قرارداد جي منظوري فلسطيني عوام جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.