ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مختص ڪري ڇڏي. اماراتي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات پاران سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مختص ڪرڻ جو اع??ان وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ مح??د بن زايد النهيان جي وچ ۾ ابوظهبي ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو. گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي لاءِ رقم مختص ڪرڻ جو اع??ان پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪيو.