بيجنگ – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا وڌائڻ، ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ نين ٽيڪنالوجيز ۾ سهڪار وڌائڻ جي سلسلي ۾ اڱاري کان چين جو پنجن ڏينهن جو دورو شروع ??يو آهي. چيني ماهرن موجب وزيراعظم جو مارچ ۾ پنهنجو ٻيو مدو سنڀالڻ کان پوءِ چين جو اهو پهريون دورو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد سميت سي پيڪ منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار کي هٿي ملندي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چين جي دوري کان اڳ اسلام آباد ۾ چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ??سا?? پنهنجي دوستي کي هماليه کان گهڻو اوچو ۽ دنيا جي اونهي سمنڊ کان اونهو بنائڻ لاءِ سنجيده منصوبا آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ”دوري ذريعي، پاڪس??ان ٻنهي ملڪن ۾ ڪاروباري ادارن وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، گڏيل رٿائن، صنعتن ۽ ٽيڪنالوجيز جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ هڪ اپ گريڊيڊ سي پ??ڪ جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪس??ان جي مينيوفيڪچرنگ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ خاص اقتصادي زون ۽ پاڪس??ان جي ليبر فائدن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اميد رکي ٿو.“. چيني پرڏيهي وزارت جي اعلان مطابق وزيراعظم جو چين جو سرڪاري دورو اڱاري کان ڇنڇر تائين جاري رهندو. سنگهوا يونيورسٽي جي نيشنل اسٽريٽجي انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر ڪيان فينگ اڱاري ڏينهن گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته مارچ ۾ وزيراعظم طور محمد شهباز شريف پاران پنهنجي ٻئي مدي شروع ??رڻ بعد اهو سندس چين جو پهريون دورو آهي ۽ چين ۽ پاڪس??ان وچ ۾ مضبوط ناتن کي وڌائڻ شهباز شريف جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ڪيان چيو ته سي پ??ڪ جي ترقي کي وڌائڻ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالوجيز، اي ڪامرس ۽ ماحولياتي زراعت جهڙن نون شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وسعت ڏيڻ دوري جو محور هوندو. بيجنگ ۾ قائم چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر سان لاڳاپيل محقق ۽ پاڪس??ان جي سياسي تجزيه نگار محمد ضمير اسدي گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو. ته وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا ۽ هڪ وڏي ڪاروباري وفد سان گڏ چين جي دوري عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي ڇو ته اهو ٻطرفن ناتن کي هڪ نئين اوچائي تائين پهچائڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سي پ??ڪ جي نمايان ڪاميابين جي بنياد تي ٻنهي ڌرين لاءِ منصوبي جي ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪندو جنهن سان پاڪس??ان لاءِ تمام گهڻن اقتصادي فائدن جي توقع آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سان مقابلي ۽ سي پ??ڪ جي سيڪيورٽي به وزيراعظم شهباز شريف جي موجوده ??وري جو بنيادي محور آهي. لينزو يونيورسٽي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر زو يونگ بيائو گلوبل ٽائمز کي ٻڌايو ته دورو سيڪيورٽي جهڙن چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد کي وڌائڻ جو ڪم ڪندو. هن چيو ته اهو دورو چين ۽ پاڪس??ان کي نئين سيڪيورٽي تصور تحت تعاون جي نون ماڊلز کي سگهه ڏيڻ ۽ سي پيڪ لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.